بچاڻي شمشاد بيگم

بچاڻي شمشاد بيگم

بچاڻي شمشاد بيگم

شمشاد ستار بچاڻي: بيگم شمشاد بچاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائي. هوءَ لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ضلعي ناظم ۽ پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل سياستدان خورشيد جوڻيجي جي ڀيڻ آهي. هن 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪئي. هن جي شادي ٽنڊي الهيار جي سياستدان عبدالستار بچاڻيءَ سان ٿي، جيڪو پڻ پيپلز پارٽيءَ جو ليڊر آهي ۽ صوبائي وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ لاءِ گريجوئيشن جي شرط سبب هن پنهنجي سيٽ تي بيگم شمشاد کي بيهاريو ۽ 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي هوءَ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي. سندس مشغولي ڪتاب پڙهڻ ۽ سياست آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو